SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ڪئريبئن علائقائي سهڪار


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


ڪئريبئن علائقائي سهڪار

CBI Caribbean Basin Initiative

ڪئريبئن بئسن انيشيئيٽو

آمريڪا جوشروع ڪيل هڪ سهڪاري پروگرام ، جنهن جو مقصد ڪئريبين خطي جي 28 ملڪن سان معاشي سهڪار ۽ واپاري ناتن ۽ امداد کي وڌائي خطي ۾ موجود انقلابي تحريڪن جو زور گهٽائڻ هئو. 1983ع واري ”ڪئريبين بيسن ايڪنامڪ ريڪورس ايڪٽ“ هيٺ 12 سالن لاءِ خطي جي ڪيترين ئي شين تي آمريڪا ۾ درآمد تي محصول ختم ڪيو ويو. پر اڳتي هلي ان مُدي کي وڌائي ”ڪسٽم اينڊ ٽريڊ ايڪٽ“ (آگسٽ 1990ع) تحت اڳ ڏنل سهولت کي مستقل ڪيو ويو. علائقي جا 28 ملڪ اينٽيگئا، بر بودا، بهاماس، بارباڊوس، بيليز، برٽش وِرجن آئيلينڊ، ڪوسٽاريڪا، ڊومنيڪا، ايلسلواڊور، گرينيڊا، گوئٽيمالا، گيانا، هونڊوراس، جميڪا، مونتسيرات، هالينڊ، اينٽليز، نڪاراگئا، پاناما، سينٽ ڪرسٽوفر، نيوس، سينٽ لُوسيا، سينٽ ونيسٽ ۽ گرينا ڊائينز، ٽرينيڊاڊ ۽ ٽوباگو هن تنظيم ۾ شامل آهن. اينگئيلا، ڪيمن آئلينڊ، سرينام، ٽرڪس ۽ ڪائيڪوس ٻيٽ انهيءَ تنظيم جي ميمبريءَ لاءِ اهل آهن، پر انهن ڪا درخواست جمع نه ڪرائي آهي


Remember Me Also:

سيچڻ

مصدر. تنگ ڪڍيل ٿيڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal